اختر ڪاڪيپوٽو

اختر ڪاڪيپوٽو

اختر ڪاڪيپوٽو

اختر ڪاڪيپوٽو: جيالاجيءَ جو ماهر اختر ڪاڪيپوٽو پھرين سيپٽمبر 1953ع تي، ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽو، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ، جيڪب آباد ۽ خيرپور مان حاصل ڪئي.خيرپور جي ممتاز ڪاليج ۾ پڙهڻ دؤران هن سياست ۾ حصو ورتو. اِن دؤران 4 مارچ وارو واقعو پيش آيو. 20 اپريل 1973ع تي کيس سپيريئر سائنس ڪاليج ۾، جساف جو صدر چونڊيو ويو، انهي دؤر ۾ هن جي. ايم سيد کي ڪاليج ۾ گهرائي، وڏو جلسو ڪرايو، جنھن تي حڪومت جي.ايم سيد کي نظربند ڪيو ۽ اختر سميت ٻين ڪارڪنن کي جيل ۾ وڌو ويو. ان تي سندس والد کيس گهران بيدخل ڪري ڇڏيو. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ علي احمد ڏوگر ۽ ٻين دوستن کيس يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڏني. يونيورسٽيءَ ۾ اسڪالرشپ ملڻ کانپوءِ هن پنھنجي تعليم تي جوڳو ڌيان ڏنو، ان سان گڏ سياست ۾ سرگرم رهيو. کيس جساف سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري جو صدر چونڊيو ويو. بعد ۾ جساف جو آرگنائيزر مقرر ٿيو. هن عطاءُ الله انڙ ۽ ٻين دوستن سان گڏجي جساف جو آئين به ٺاهيو. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي دوران هن لکڻ شروع ڪيو ۽ سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا.
1978ع ۾ يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺڻ کانپوءِ هُو جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان ڪوئيٽا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. اُتي هن پنھنجي ٽيم سان گڏجي 200 ملين ٽن لوهه جي کاڻ ڳولھي هٿ ڪئي، جيڪا ايشيا جي وڏي ۾ وڏي کاڻ آهي. ڪوئيٽا ۾ رهڻ دؤان هن سنڌي ادبي سنگت ڪوئيٽا شاخ جو بنياد وڌو، جنھن جو 25 سال پاڻ سيڪريٽري ٿي رهيو. 2013ع ۾ هن ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيو ۽ 2018ع ۾ گهر واريءَ جي وفات کانپوءِ هو خيرپور موٽي آيو، پر ڪجهه وقت کان طبيعت جي ناسازيءَ ڪري ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اختر ڪاڪيپوٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.09.01  عيسوي

جيالاجيءَ جو ماهر اختر ڪاڪيپوٽو پھرين سيپٽمبر 1953ع تي، ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽو، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائودپوٽو صادق محمد عباسي اول
جامعي محمد سرور پروفيسر
چيچن داس رائسنگهاڻي
غازي فقير ڪلر
الهبچايو ميمڻ
رسول بخش بروهي
ڄام ڪارائڙو
آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند
سيد ناز لطيفي
راوت رڻمل راٺوڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون